ايسر خدمتگذار

ايسر خدمتگذار: ايسر خدمتگذار، مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر جو خاص منشي ۽ خدمتگذار هو ۽ هميشه مير بجار سان گڏ هوندو هو. جڏهن ميان عبدالنبي جوڌپور جي راجا کي امرڪوٽ جي لالچ ڏئي مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر کي قتل ڪرائڻ تي راضي ڪيو هو ته هيءُ ان کانپوءِ خاموش ٿي ويهي رهيو. جوڌپور جي راجا چار راٺوڙ قبيلي جا ماڻهو انهيءَ ڪم لاءِ تيار ڪيا. اهي چار ئي راٺوڙ سنڌ پهچي ايسر سان مليا ۽ ايسر جي هٿان مير بجار خان ڏانهن پيغام موڪليائون ته ميان عبدالنبي جيڪي خط جوڌپور جي راجا کي لکيا آهن، انهن ۾ اوهان بابت ته گھڻو ڪجهه لکيل آهي. هڪڙي جاءِ خالي ڪرايو، جتي اسان کان ۽ توهان کانسواءِ ڪو به نه هجي ته اهي خط اوهان کي پڙهي ٻڌايون.
مير بجار اهو ٻڌي ايسر کي حڪم ڪيو ته هڪ جاءِ جو بندوبست ڪر، ايسر جاءِ جو بندوبست ڪري جوڌپور جي آيل راٺوڙن کي اتي اچڻ لاءِ چيو. راٺوڙ اتي پهتا ۽ مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر کي خطن پڙهڻ ۾ محو ڏسي راٺوڙن مٿس تلوارن ۽ خنجرن سان حملو ڪيو. ٻن راٺوڙن ٻه خنجر مير بجار جي پاسن ۾ هنيا، اهو لقاءُ ڏسي ايسر وڌي آيو، جنهن کي به راٺوڙن قتل ڪري ڇڏيو، جنهن دوران مير بجار خان تلوار کڻي هنن چئني راٺوڙن سان وڙهڻ لڳو. ٻه راٺوڙ مير بجار ماري وڌا ۽ باقي ٻه ڀڄي ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو